بهرام فقير جتوئي

بهرام فقير جتوئي: بهرام فقير ولد علي بخش فقير جتوئيءَ جا وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا ويٺل هئا. بخش علي فقير اتان لڏي اچي ضلعي نوابشاهه ۾ ويٺو. سندس وڏو پٽ گهرام فقير، سچل جو طالب هو. بهرام فقير جون ڪي ڪافيون سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ٿيل ”ڪافيون“ ڪتاب ۾ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو